اسلام آباد-23 نومبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان پيشيوراڻي فني تربيت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي سفير اولانبيڪ ٽوٽيي جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??رغزستان جي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ثقافت، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪ ٻئي سان محبت رکن ٿا، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپ?? کي تسليم ڪيو ۽ ان جي واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي ??يو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ??ه جڏهن کان هن عهدو سنڀاليو آهي استادن جي تربيت ۽ تعليم جي معيار کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستا?? کي پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينج?? کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ مروجه مسئلن جو ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت جي ذريعي تيار ڪيل اي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان سدائين مسلمان ملڪن سان تعاون ڪيو آهي ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاو?? کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪرغزستان ۾ 11 هزار پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، هن چيو ته ان طرح جي مٽاسٽا سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا، اسا?? کي اي سي او جهڙن گهڻ رخي پليٽ فارمز تي به تعاون طرف ڏسڻ گهرجي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??ي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هن اهڙن سمورن مسئل?? کي حل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو سڀ کان اهم اثاثو آهن ۽ کين هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي سفير چيو ته ڪرغزستان جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، يونيورسٽي کان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪينڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن وفاقي وزير کي ڪرغزستان ۾ استعمال ٿيندڙ ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم جي باري ۾ به ٻڌايو جنهن جا بهترين نتيجا نڪتا آهن. مدد علي سنڌي ??يو ته ٻنهي ملڪ?? کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن ٻين جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي. مدد علي سنڌي پاڪستان جي تعليمي نظام کي جديد بڻائڻ ۾ موجوده حڪومتن جي ڪوشش?? کي ساراهيو. وفاقي وزير سفير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۽ ادب هڪجهڙو آهي.