پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستا?? جي سالميت جي لاءِ ڪنهن به قرباني کا?? ڪيٻائڻ نه گهرجي، ملڪ جي بهتري لاءِ اسان کي ذاتي مفادن کي پٺتي رکڻو پوندو، خيبرپختونخواهه صوبي جي مسئل?? جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگر??ي جو بهادري سان مقابلو ڪيو، شهيد?? جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، افغانستان سميت سمورن پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، غيرقانوني غيرملڪين کي واپس وڃڻو پوندو. هو پشاور جي دوري جي موقعي تي ايوان صنعت ۽ واپار جي وفد ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. پشاور دوري دوران پشاور چيمبر آف ڪامرس پاران نگران وزيراعظم کي روايتي پڳ پارائي وئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي نگران وزيراعظم جي پشاور دوري تي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اردو اسا?? جي قومي زبان آهي جنه?? جي ڪري سموريون قومون ڳنڍيل آهن، پاڪستان جون سموريون مقامي زبانون اسان جون آهن، پشاور مون کي پنهنجي گهر وانگر لڳندو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ منهنجا ڪيترائي پراڻا دوست آهن، ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ تعليم دوران هتي جيڪا پنهنجائپ ملي ا?? جي ڪري هي صوبو منهنجي تمام ويجهو آهي، خيبرپختونخواهه جي ماڻهن کي وفاق پاڪستان ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي، انهن ۾ صداقت، جرئت ۽ محنت تمام گهڻي آهي، دهشتگر??ي جي خلاف بهادري سان هتا?? جي ماڻهن مقابلو ڪيو، معاشري جي هر طبقي ان جو بهادري سان مقابلو ڪيو، انهن ماڻهن قربانيون ڏئي پاڪستا?? جي بنياد کي ٻيهر بيهاريو. هن چيو ته صفوت غيور جي قبر تي حاضري ڏئي اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيو پئي ته اسان ان کي ا?? جي صلي ۾ رڳو احترام ۽ عزت ڏئي سگهون ٿا باقي ا?? جي قربانين جو ڪو معاوضو نه آهي، صفوت غيور جهڙن 90 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، شهيد?? جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، انهن شهيد?? جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهن رت ڏئي تڪميل پاڪستان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جو خواب وڏو هو ا?? جي تعبير آسان نه آهي، ا?? جي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هڪ نسل جي قرباني ڏئي اسان ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهيا آهيون. هن چيو ته هن ملڪ جي لاءِ ماڻهن پنهنجون جانيون ڏنيون آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اسمگلنگ جو حق گهري رهيا آهن. هن چيو ته مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه سان ڪڍنداسين ۽ رابطن جو اهو سلسلو جاري رهندو، صوبائي نگران حڪومت پنهنجون بهتر طريقي سان سرانجام ڏين??ي جتي ڪوتاهي نظر ايندي نگران وڏو وزير ا?? جي نگراني ڪندو، ضم ٿيل ضلع?? جي مسئل?? جي حوالي سان چي?? جي دوري کانپوءِ ذميوارن سان ملاقات ڪري انهن مسئلن جو حل ڪڍنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون ڏکڻ وزيرستان سميت ضم ٿيندڙ ضلعن ۾ ڪٿي گهرن کي سڙندي نه ڏٺو. هن چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته اهي ان حوالي سان حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ ڏين، جتي اهڙا واقعا آهن ته شرپسند عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ته ان جو تدارڪ ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، اهي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ رياست پاڪستا?? جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن، دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. غيرقانوني افغان پناهگير?? جي وطن واپسي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 17 لک رجسٽرڊ افغان پاڪستان ۾ رهن ٿا، انهن کي واپس نه پيو موڪليو وڃي جڏهن ته غيرقانوني رهندڙن کي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس وڃڻو پوندو، افغانستان سان سفارتي آداب موجب سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون جتي ويزا ۽ سفري دستاويزن تحت ئي ماڻهو ٻئي ملڪ وڃي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ٻاهرئين ملڪ ويو، هو واپس ايندو ته قانون موجب نگران حڪومت عمل ڪندي، اليڪشن ڪميشن چونڊ?? جي لاءِ جنهن تاريخ جو تعين ڪندي ان موجب پنهنجي تياري مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته افغانستا?? جي مسئلن ۽ چئلينجز کي اسان به سمجهون ٿا، افغانستان ۾ اربين ڊالر خرچ ٿيا ا?? جي باوجود دهشتگردن جا گروهه ڪنٽرول نه ٿي سگهيا، غيرقانوني رهندڙ غيرملڪي?? جي وطن واپسي ڪنهن انتقامي يا دشمني جي ڪري نه پر ڏوهن، دهشتگردي ۽ سماجي براين سميت ٻين چئلينجز جي ڪري آهي، انهن ۾ هڪ انگ مثبت ۽ تعميراتي ڪمن ۾ به مصروف آهي جڏهن ته ڊيٽا بيس نه هجڻ جي ڪري ان جو ادراڪ نٿو ٿئي، اسان پنهنجي مفاد ۾ فيصلا ڪنداسين، پنهنجي پاليسين کي ضرورت موجب تبديل ڪنداسين. فلسطي?? جي صورتحال جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سان رابطي ۾ آهيون، ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي سان پاڪستان تي ٻاهرئين قرضن ۾ 4 هزار ارب رپي?? جي گهٽتائي ٿي آهي، کنڊ، گيهه سميت ٻي?? ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شي?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن جو ريليف عوام کي ملي رهيو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سمورين پارٽين کي اهو حق حاصل آهي ته اهي چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار ڏي، ڪنهن رجسٽرڊ پارٽي کي چونڊ عمل کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي.