حيدرآباد -06 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان وٽ تعليم کان سواءِ ترقيءَ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي ، تعليم جي بهتريءِ جي لاءِ اسان جون ??وششون جاري آهن ان سلسلي ۾ 16 آڪٽوبر تي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ جيڪي ٻار اسڪولن ۾ نٿا وڃن انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ بين ??لصوبائي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته تعليم جو معيار ۽ حال خراب آهي مونکي خبر پئي آهي ته سنڌ ۾ هڪ ماڻهو ڪاپي پيسٽ ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري 19 هون ??ريڊ حاصل ڪيو آهي هن چيو ته اسڪولن جا ماستر وڏيون پگهارون ??ڻن ٿا پر اسڪولن ۾ نٿا وڃن ميڊيا اهڙن مسئلن جي نشاند??ي ڪري اسان تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري اسڪول تباه ٿيل آهن ۽ ا??ي ڪنهن جي به ترجيحات ۾ نه آهن تعليمي ادارا تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ جي بدران فنڊن جي حاصلات جي ڪوششن ۾ رڌل آهن مون سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چا??سل?? کي چيو آهي ته ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جي بدران تعليم جو حال درست ڪيو حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته 21 هين گريڊ وارن کي پڙهائڻ نٿو اچي ڪاپي ڪري پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن هن چيو ته اسان وٽ وقت ٿورو آهي پر ڪنهن سٺي ڪم جو بنياد رکي سگهون ٿا ، سنڌ يونيورسٽي جي غريب شاگردن کي اسڪالر شپ جا چيڪ ڏئي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي هينئر تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ذريعي اهڙن شاگردن کي 1829 ملين ??وپيه ڏئي چڪا آهيون سنڌ يونيورسٽيءَ کي به 15 ملين ??وپيه ڏنا آهن شهيد الهه بخش يونيورسٽيءَ کي به ايڇ اي سي پاران 886 ملين ??ي گرانٽ ملي ٿي پر يونيورسٽي جي انتظاميه کي خبر ئي ناهي ته شهيد الهه بخش ڪير هو ، مدد علي سنڌ چيو ته سنڌ جي چيئرمين ??ورڊ کي گهرائي چيو آهي ته اوهان چالان جمع ڪرائڻ ، سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي لاءِ ڊجيٽل سسٽم بنايو ۽ کڙڪيءَ وارو سسٽم ختم ڪيو ان سسٽم سان ماڻهن کي تڪل??ف ٿئي ٿي ، هن چيو ته مان بنيادي طور تي صحافي آهيان ۽ پنهنجي زندگيءَ جا 45 سال صحافت کي ڏنا آهن اڄ به صحافين ??ي زندگي تبديل نه ٿي سگهي آهي انهن کي محنت جو پورو اجورو نٿو ملي ان کان اڳ ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون ، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان وفاقي وزير جو آڌر ڀاءُ ڪيو جڏهن ته سينئر صحافي علي حسن وفاقي وزير کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو ڏنو.