نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي افتتاحي ??قريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اڄ عالمي ترقياتي قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم پائيدار ترقياتي هدفن تي اعليٰ سطحي ??ربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي اير??ن جي صدر سيد ابراهي?? رئيسي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پڻ ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.