گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ??لت??تان جي معاشي بحالي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ت?? گلگت ??لت??تان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن گلگت ??لت??تان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگت ??لت??تان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت ??لت??تان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت ??لت??تان جي قيادت نگران وزيراعظم کي ??ختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت ??لت??تان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. نگران وزيراعظم گلگت ??لت??تان کي ??فاق پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم گلگت ??لت??تان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي ??ڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي ??نهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگت ??لت??تان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. نگران وزيراعظم عملدارن کي گلگت ??لت??تان جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ت?? گلگت ??لت??تان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت ??لت??تان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.