اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سا?? پاڪستان ۾ برطانيا جي نئين هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي ۽ ک??س مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن برطانيا ۽ پاڪستان جي ويجهي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، ماحولي??تي تبديلين جي شعبن ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ??يو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي دورن جي اهميت تي زور ڏنو.