اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آه??، ان وقت کان وٺي هيستائين ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي لاءِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آه??، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آه??. وزير??عظ?? آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آه??. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ا?? مقصد جي لاءِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آه??، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ موجوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لاءِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آه??. وزير??عظ?? چيو ته ا??ي سمورا قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آه??. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آه?? پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آه??. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آه??. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزير??عظ?? چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آه?? ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آه??. انهن سمورن عملن جي باوجود ڀارت بهاد?? ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آه?? ۽ ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آه?? ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آه??. وزير??عظ?? چيو ته ا?? جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آه??. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن بهاد?? ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀارتي قبضي کان آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آه??. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار هن پوري خطي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي جائز ۽ منصفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آه?? ته اسان انهن جو آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزير??عظ?? چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آه?? ته ڀارت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لاءِ زور ڏنو وڃي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آه??.