ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تي??ر ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بح??يه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصو??ي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شرڪت ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بح??يه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سان گڏ پي اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سامونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪ بح??يه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سامونڊي جهازن جي تي??ري جو معاهدو ٿيو هو. معاهدي تحت 2 جهاز ترڪيه ۽ 2 جهاز پاڪستان ۾ تي??ر ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پي اين ايس طارق پاڪستان ۾ تي??ر ٿيندڙ ٻيو سامونڊي جنگي جهاز آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي جهاز جي تي??ري بابت بريفنگ ڏني وئي.