ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) ڪراچي واٽر ب??رڊ جي سي اي او انجنيئر سيد صلاح الدين احمد اعليٰ اختيارين کي سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کڻڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. واٽر ب??رڊ جي ترجمان موجب سمورن چيف انجنيئرن کي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ سمور?? ضلعن جي ايس ئي ۽ ايڪسين کي پنھنجي مات??ت عملي سان گڏ پنھنجي دائري هيٺ علائقن ۾ رهڻ دوران بهتر ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي جڏھن تہ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر ب??رڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون پڻ منسوخ ڪيون ويون آهن، ان کان علاوه رين ايمرجنسي بابت چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي جڏھن تہ 1339 شڪايت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر، بلاڪ اي نو ميل ڪارساز شاهراھ فيصل کي برسات جي هنگامي آپريشن لاءِ فوڪل پوائنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، 1339 شڪايت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر برساتن دوران 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ سمور?? ضلعن ۽ مختلف ٽاؤنن ۾ رين ايمرجنسي شڪايتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويندا، سي اي او واٽر ب??رڊ اعلي اختيارين کي وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو تہ جينٽنگ، سڪشن، راڊنگ، سيوريج صفائي جي مشينن، ڊي واٽرنگ پمس سميت سموري مشينري کي هر وقت تيار رکي وڃي، واٽر ب??رڊ جي بلڪ ٽرانسميشن سسٽم، ڪئنال، سائفن، ڪنڊيوٽ ۽ ٻين اهم تنصيبات جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ڌاٻيجي، گهارو، پپري، اين اي ڪي، حب پمپنگ اسٽيشن سميت سمورن فلٽر پلانٽس ۽ سمورن سيوريج پمپنگ اسٽيشنن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، ان کان علاوه سي پي ايس پمپنگ اسٽيشن سميت ضلعي ڏکڻ ۾ واقع ٻين سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي سخت نگراني ڪندي 24 ڪلاڪ گشت ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان هلايو وڃي، سي اي او واٽر ب??رڊ شھرين کي اپيل ڪندي چيو تہ شهري برساتي پاڻي کي سيوريج جي پائيپ لائنن ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ مين هول جا ڍڪ نہ کولين ڇاڪاڻ تہ مين هول جا ڍڪ کولڻ سان گندي پاڻي جو وهڪرو بند ٿي ويندو جن??ن سان شهرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو.