اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ز??ر ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايران ۽ رومانيا جي سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ايران جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيد محمد علي حسيني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ڇو ته ٻئي ڀائر ملڪ تاريخي رابطن ۽ ثقافتي وابستگي سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصا??ي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو. صدر ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي الڳ ٿلڳ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم دنيا کي مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪشمير مسئلي تي ايراني حڪومت جي حمايت ۽ موقف تي ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ سعودي عرب پاران سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ کنيل تاريخي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ ز??ر ڏنو ويو. ايراني سفير سيد محمد علي حسيني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي ۽ سياسي تعاون وڌائڻ کي وڌائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصا??ي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن ڇهه بارڊر مارڪيٽن جي تعمير تي اتفاق ڪيو آهي جن سان ٻطرفي واپار کي فروغ ملندو. هن صدر کي بجلي جي پهچ جي جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن سان بلوچستان جي عوام کي فائدو پهچندو. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان ۾ رومانيا جي سفير نڪولائي گويا پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته رومانيا اوڀر يورپ جو هڪ ??هم ملڪ آهي ۽ پاڪستان رومانيا سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن رومانيا جي حڪومت جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ڏيڻ ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي باقاعده مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي ز??ر ڏنو. سفير آگسٽ/ سيپٽمبر 2021ع دوران افغانستان مان رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ پاڪستاني تعاون تي رومانيا جي صدر پاران پاڪستان جا ٿورا مڃيا.