اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گ??يل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گ??يل عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم دعوت تي گ??يل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گ??يل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گ??يل عرب امارات جي ??در جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائراڻن لاڳاپن کي گ??يل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گ??يل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گ??يل عرب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.