اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو پاڪستان ??ي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي اسان ??ي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئ??ينج آهي، پاڪستاني قوم جي عزم کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آيو آ??يا??، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو پاڪستان ??ي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگردي اسان ??ي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئ??ينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان ??نهن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان پاڪستان ??ي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.