اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سڀاڻي ڀارت جي يوم ??مه??ريه کي ڪاري ڏينهن طور مله??ئي??دا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته هو پنهنجي وطن تي ڀارت جي قبضي کي رد ڪن ٿا. ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني ۽ ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ آزادي پسند جماعتون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جو چيئرمين مسرت عالم بٽ دهليءَ جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغام ۾ ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي ??هي. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، ان کي پاڻ کي وڏو ??مه??ري ملڪ قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. ٻي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان ڪشميري عوام تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي يومِ ??مه??ريه کي ڪاري ڏينهن طور مله??ئي??. تهاڙ جيل ۾ نظربند پنهنجي پيغام ۾ ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني ۽ زبردستي قبضي جي مذمت ڪندي ڀارتي حڪمرانن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي سياسي قسمت جو فيص??و آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ذريعي ڪرائڻ جي پنهنجي وعدن باوجود ڪشميري عوام جي اُمنگن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ لاءِ پُرتشدد رستي جي چونڊ ڪئي ??هي. هن چيو ته عالمي برادريءَ جي اها ذميداري آهي ته هو ڀارت جي ڪشمير تي غير قانوني قبضي جو سنجيدگيءَ کان نوٽيس وٺي. هوڏانهن ڊيموڪريٽو فريڊم پارٽي پڻ ڪل جماعتي ڪانفرنس جي هڙتال جي سڏ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ان جي مادرِ وطن تي ڀارت جي غير قانوني ۽ زبردستي قبضو انهن لاءِ نا??اب?? قبول ??هي. ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ موتن ۽ تباهيءَ ۾ ملوث آهي ۽ ان لکين ڪشميرين کي بندوق جي زور تي يرغمال بنائي رکيو آهي، ان کي يومِ ??مه??ريه ملهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.