خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شه??از شريف ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قومي خدمت آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ پير گڊو جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراع??م متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شه??از شريف کي اڏام دوران اين ڊي اي?? اي چيئرمين ??يف??يننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اين ڊي اي?? اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر علائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراع??م متاثر علائقن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظ?? اين ڊي اي?? اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏينهن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.