مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ مل??قات ٿي. مل??قات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري فرانس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ??ٽو زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ پاڪستان جي عا??مي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.