اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌيڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ راغب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت ??ختلف شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت ??وجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرانس ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عاصم افتخار اح??د سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر فرانس سان ??طر??و واپار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته 1.8 ارب ڊالر جو ??طر??و واپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري امڪانن جي نسبت تمام گهٽ آهي. صدر سمورن ??طر??ي فورمن جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت ??ختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ موقعا ڳولڻا پوندا. صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون پاران امداد جي اعلان کي ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير گڏيل اقتصادي ڪميشن جو افتتاحي اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي لاءِ فرانس سان گڏجي ڪم ڪري، گڏيل اقتصادي ڪميشن ??طر??ي اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌيڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري پاڪستان راغب ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فرانس يورپ ۾ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻئي ملڪ گهڻ رخا لاڳاپا رکندڙ آهن، ٻنهي ملڪن ۾ سياسي، واپاري ۽ اقتصادي، دفاع، تعليم ۽ ثق??فت سميت ??ختلف شعبن ۾ تعاون موجود آهي. صدر فيشن ڊيزائن، اعليٰ ترين فيشن مصنوعات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ فرانس جي تجربي مان سکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت ??وجود آهي.