اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ڪينسر جي وقت سر تشخيص جي لاءِ باقاعدگي سان جسماني معائنو ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا آگاهي پيدا ڪري بريسٽ ڪينسر جي ??ري موت جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاتيءَ جي ??ينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص سان 99 سيڪڙو مريضن کي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ??ينسر جا واقعا ٻين خطن جي ??يٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ??ينسر جي سمورن مريضن کي ڪلينڪل اسڪريننگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جا وسيلا نه آهن. هن چيو ته عورتون باقاعدگي سان ??نه??جو جسماني معائنو ڪن، سيني يا ان جي ??رپاسي ۾ گلٽي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر ??ان رجوع ڪن. ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته صحتمند طرز زندگي اختيار ڪري بريسٽ ڪينسر جي واقعن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، بريسٽ ڪينسر کان بچڻ جي لاءِ ڀاڄين ۽ ميون سميت متوازن غذا جو استعمال ڪرڻ گهرجي، سگريٽ يا شراب نوشي ۽ ٻي منشيات کان پرهيز ڪن، باقاعدگي سان ورزش ڪن. صدر چيو ته عورتن کي مالي ۽ اقتصادي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ، معاشري ۽ عوامي جاين کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي، هراسگي کان پاڪ ماحول عورتن کي ملڪي سماجي اقتصادي ترقي ۾ ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي ڦهلائڻ جي لاءِ تخليقي ذريعا استعمال ڪن، اسلامي تعليم موجب عورتون ??نه??جي ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين کير پيارين، صحت جي عالمي اداري موجب شروعاتي 6 مهينن دوران ٻارن کي پاڻي يا ٻي خوراڪ تائين نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري کان بچاءُ جي لاءِ پهرين هزار ڏينهن دوران ماءُ ۽ ٻار جي لاءِ مناسب غذائيت ضروري آهي، پاڪستان ۾ ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جو تناسب ا??ڪل 40 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته سوشل ميڊيا بيگم ثمينه علوي جي ??اتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??وششن جو ساٿ ڏي، بيگم ثمينه علوي جي ??وششن سان شروعاتي مرحلن ۾ ڇاتيءَ جي ??ينسر جي ??يسز جي رپورٽنگ جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جلد تشخيص سان صحت جي نظام تي بار گهٽ پوندو، مهانگي علاج کان بچڻ ۾ مدد ملندي. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي جي ??هرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي پڻ سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڇاتيءَ جي ??ينسر جي واقعن تي ضابطو آڻڻ ۽ گهٽ ڪرڻ جو واحد طريقو جلد تشخيص آهي، ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي مهم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ وزيراعظم، ايم اين ايز، ايم پي ايز، ميڊيا ۽ سڄي ملڪ جي ??يمبرز آف ڪامرس کي خط لکيا آهن. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ??ينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.