اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اق??ال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اق??ال، چيئرمين اين ڊي ايم ليفٽيننٽ جنرل اخترنواز، وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طارق بشير چيما، صوبائي سيڪريٽري زراعت سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائ??ن ۾ ربيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي رٿابندي ۽ آبادگارن کي رليف پهچائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو، متاثر علائ??ن ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج جي ورڇ جي مڪينزم ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان قدمن جو جائزو به ورتو. وفاقي وزير احسن اق??ال چيو ته متاثر علائ??ن ۾ ٻجن جي ورڇ جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. فورم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوک جي لائق ايراضي جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. بوڏ جي صورتحال کي پوکي جي حوالي سان موقعن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان جي اختيارين ٻڌايو ته ٻجن لاءِ آبادگارن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. فورم چيو ته جن علائ??ن ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو ته ڪڻڪ پوکي ويندي، جڏهن ته 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ته اتي تيلي ٻج پوکيا ويندا. پاڻيءَ هيٺ آيل ايراضيءَ کي پوک جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪوالٽيٽو جائزو ورتو ويندو ته جيئن امدادي سرگرمين جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اق??ال چيو ته صوبن جي ضرورت جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير فورم کي ٻُڌايو ته ٻج ججهي مقدار ۾ موجود آهي، ٻوڏ متاثر علائ??ن ۾ جتي ضرورت ٿي ٻج فراهم ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثر علائ??ن ۾ فوري ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. فورم هدايت ڏني ته صوبا 10 آڪٽوبر تائين پوک جي قابل ايراضي ۽ ٻج جي ضرورتن کان آگاهه ڪن.