اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻاءُ جو سڌوسنئون نتيجو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دو??و دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پا??ست??ن ??ال??ي سطح تي موسمياتي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پا??ست??ن جي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي لاءِ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ ??ال??ي تعاون کي ساراهيون ٿا.