ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سا?? پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سا?? اي پي پي سا?? ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سا?? انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ??ار?? جو احتساب ڪر?? گهرجي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سا?? ملهائ?? گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائ?? گهرجي.