??سل??م آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پنهنجي آسٽري??يا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ ??ان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽري??يا ??ان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، جيڪو يورپي يونين جو اهم ميمبر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان آسٽري??يا لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ وسيع تعاون جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا ??ان گڏوگڏ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.