اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيهي پاليسي جو ??يزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته مضبوط پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شا??ه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو ??يام شا??ل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتڪار?? جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيهي پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ??اڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدار?? جي واکاڻ ڪئي.