اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته پ??ڪس??ان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو، سپر سانڪ ميزائل لانچ جي حوالي سان ڀارتي موقف غيرذميداراڻو ۽ ڀارتي دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي نظام تي سواليه نشان آهي، ڀارت علائقائي سلامتي ۽ امن جي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. هفتيوار بريفنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته او آءِ سي وزارتي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پ??ڪس??ان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، وزيراعظم اجلاس کي اهم خطاب جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ او آءِ سي ملڪن جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندو، اجلاس لاءِ سمورا سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ??يڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 جي وبا کان بحالي، امن ۽ سلامتي جي معاملن، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو. ترجمان چيو ته 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ بابت پ??ڪس??ان پاران متعارف ڪرايل قرارداد جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري پ??ڪس??ان جي ڪاميابي آهي. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان سمورن مذهبن ۽ تهذيبن جو احترام ڪري ٿو، يوڪرين جي صورتحال جي حوالي سان ترجمان واضح ڪيو ته ان معاملي تي پ??ڪس??ان جو موقف واضح آهي، پ??ڪس??ان ڪنهن به بلاڪ سياست جو حصو نه بڻجڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، اسان صرف امن ۾ حصيدار هونداسين، تڪرارن ۾ نه، ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن تي به مسلسل زور ڏيندو آهي جنهن ۾ خودمختياري وارو حق، طاقت جو عدم استعمال، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام، تڪرارن جو پرامن حل شامل آهن. اسان سمجهون ٿا ته انهن اصولن کي مستقل ۽ عالمي سطح تي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته پ??ڪس??ان کي يوڪرين ۾ مسلسل فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي آهي، اسان دشمني جي فوري خاتمي، انساني همدردي جي راهدارين جي قيام ۽ انساني امداد جي فراهمي، يوڪرين ۽ روس جي وچ م ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سفارتي حل لاءِ مسلسل ڪوششن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. پ??ڪس??ان تڪرارن جي سفارتي حل جو حامي آهي. 9 مارچ تي ڀارت اپران ميزائل لانچ ڪرڻ جي حوالي سان ترجمان چيو ته 9 مارچ تي ڀارتي سپر سانڪ ميزائل جتي ملڪي ۽ عالمي اڏامن کي خطري جي ور چاڙهيو اتي بي شمار انساني زندگين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ترجمان ان سلسلي ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي جواب کي ناڪافي قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ واقعي جي گڏيل جاچ جي حوالي سان پ??ڪس??ان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان ان سلسلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن ۽ گڏيل قومن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت علائقائي امن ۽ سلامتي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ??يڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 وبا کان بحالي، امن ۽ سلامتي، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو.\