وزيراعظم عمران خان سان چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ملاقات
بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چين ۽ پاڪستان جي عل??ئقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خيرسگالي جذبي، گهري گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻطرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ اهم عل??ئقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي مرڪزيت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم کي بيجنگ سرمائي اولمپڪس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي بنيادي مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ٿنڀ تي ٻڌل آهن. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي تقريبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي نئين سگهه ملي آهي. وزيراعظم ڪورونا وبا دوران پاڪستان جي مدد ۽ تعاون ?? ويڪسين جي وقت سر فراهمي تي چين جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر، توانائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عوام جي معيار زندگي ۾ بهتري جي حوالي سان تبديلي کي ساراهيو. هن ??يو ته پاڪستان گڏيل طور تي طئي ٿيل صنعتي، واپاري، صحت، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي ذريعي سي پيڪ جي معياري ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيني وزيراعظم کي سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي اصول ۽ تعاون ?? پاڪستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ، ??نصوبن ۽ ادارن بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان عل??ئقائي سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ??ين ۽ پاڪستان جي عل??ئقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.