اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرج??. م??لڪتي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغ??م ۾ چيو آهي ت?? وزيراعظم عمران خان هر عالمي فورم تي بهترين انداز ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ??يو آهي. هن چيو ت?? وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو دلير وڪيل ۽ سچو سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا آڏو پهريون ڀيرو مودي ۽ آ?? ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ بي نقاب ٿي.