اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪمبوڊيا لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ڪمبوڊيا لاءِ سفير نامزدگي تي ظهير الدين بابر ٿهيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس سفير طور نامزدگي سان ??اڪ??تان ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير نامزد سفير کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهبي سياحت ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ڪمبوڊيا لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي اعتما?? تي پورو لهڻ جي خاطري ڪرائي.