اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه گرين پريزيڊنسي مصنوبي سان قومي خزاني کي 72.5 ملين روپين جي بچت ٿيندي جڏهن ته ان مان 35 سيڪڙو ??وا??ائي بچائي سگهجي ٿي، ان منصوبي کي مڪمل طور تي ايوان صدر جي ??وا??ائي جي ضروتن کي شمسي ??وا??ائي مان پورو ڪري سگهبو، ان قدم سان ساليانو 3144 ٽن ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي ماحول ۾ شامل ٿيڻ سان روڪي سگهجي ٿو جنهن سان ماحول جي بهتري ۾ مدد ملندي، ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي، ماڻهن ۾ ان حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ ۽ آگاهي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ گرين پريزيڊنسي ۽ آءِ ايس او 50001 سرٽيفڪيشن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، ماحولياتي ماهرن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي عهديدارن به شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2018ع ۾ صدارت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ ايوان صدر ۾ بجلي جي ضرورتن کي شمسي ??وا??ائي تي منتقل ڪرڻ جو ويزن پيش ??يو جنهن کي مختلف ادارن جي تعاون سان 7 مهينن جي ٿوري عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان مقصد لاءِ ايوان صدر ۾ هڪ ميگاواٽ جو سولر سسٽم لڳايو ويو آهي ??ڏهن ته ماحول دوست قدمن سان گڏوگڏ ايوان صدر جي عمارت ۾ گرمي کي برداشت ڪندڙ پينٽ جو به استعمال ڪيو ويو آهي. ان قدم جي نتيجي ۾ پاڪستان جو ايوان صدر دنيا جي پهرئين صدارتي دفتر جو اعزاز حاصل ڪيو آهي ??نهن کي آءِ ايس او 50001 جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي. ايوان صدر ۾ 10 هزار وڻ به پوکيا ويا آهن جڏهن ته مياواڪي وڻ به لڳايو پيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ غير سرڪاري سطح تي به ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ قدم اڻٽر آهن، ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ معاشري جي هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماحول جي بهتري لاءِ حڪومتي ۽ غير سرڪاري سطح تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان گلوبل وارمنگ گهٽ ڪرڻ لاءِ وڻڪاري مهم جي ذريعي قدم کنيا آهن. ايوان صدر ۾ بجلي جي بچت لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا ان کي ملڪ ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بجلي جي بچت سان گڏوگڏ پاڻي جي بچت به ڪرڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ ريسائڪلنگ جو نظريو اڀري رهيو آهي، پلاسٽڪ جا ذرا سمنڊن ۾ ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ جن ملڪن ادارن کي قائم ڪيو اهتي اڳتي وڌي رهيا آهن، صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آيه ۽ هن خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبو جاري آهي ??نهن ۾ سول سوسائيٽي سان گڏوگڏ معاشري جي سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شامل آهن، صدر چيوته پاڪستان ۾ ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان بهترين ڪم ٿيو آهي، اسان کي پاڻي کي بچائڻ لاءِ به ڪوششون ڪرڻ گهرجن، حڪومت ان طرف به اڳڀرائي ڪئي آهي. ملڪ ۾ ڊيمز به ٺهي ??هيا آهن. ايوان صدر ۾ اينگرو جي مدد سان مياواڪي جهنگل پوکي رهيا آهن، هن چيو ته قدرتي روشني هر گهر ۽ عمارت ۾ هجڻ گهرجي جنهن سان ??وا??ائي جي بچت ٿيندي، صدر چيو ته پاڪستان جي هر شهري کي ماحول ۽ پاڻي جي بچت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عالمي سطح تي بک جو ذڪر ڪندي هن چيو ته افغانستان ۾ جنگ تي اربين ڊآلر خرچ ڪيا ويا، ان سان دنيا مان بک ختم ٿي سگهي پي، انسانيت جي حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان دنيا کي تباهه ڪري رهيا آهيون، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماحول جي حوالي سان پاڪستان جي عوام جو شعور وڌي رهيو آهي، قدرتي فن تعمير انساني فن تعمير کان بهتر آهي، جنهن کي محفوظ رکڻ گهرجي. هن چيو ته سياحتي ماڳن تي مقامي ماڻهن جي بدران گندگي سياح پکيڙيندا آهن جنهن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري دنيا تي دٻاءُ آهي ۽ پاڪستان پنهنجي طور تي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان کي ماحولياتي مسئلن جي ڪري ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن جو وڌيڪ منهن ڏيڻُو پوندو آهي. جڏهن ته ماحول کي بگاڙڻ ۾ اسان جو حصو گهٽ آهي، صدر چيو ته ان اهم منصوبي ۾ سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ سميت ڪيترن ئي ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ ايسوسيئيشن آف انرجي انجنيئز جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر بل ڪينٽ ايوان صدر کي شمسي ??وا??ائي تي منتقل ڪرڻ جي قدم تي تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ??ندي چيو ته پاڪستان جو ايوان صدر دنيا جو پهريون صدارتي آفيس آهي ??نهن کي آءِ ايس او انرجي مينيجمينٽ سسٽم سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي، ان قدم سان ماحول دوست ??وا??ائي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ٿئي ٿو، تقريب کي خطاب ڪندي ايس جي ايس پاڪستان جي عبدالرزاق لاکاڻي چيو ته صدر جي هدايت تي ايوان صدر کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي ??ن ڪاميابي تي هن شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ??ندي چيو ته سمورن حڪومتي کاتن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي به اهڙا ئي قدم کڻڻ گهرجن. گرين بلڊنگ ڪائونسل پاڪستان جي راشد رشيد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي مسئلن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ايوان صدر ۾ برسات جي 75 سيڪڙو پاڻي جو به بهتر انتظام ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هڪ ميگاواٽ سولر سسٽم لڳايو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ اهڙن قدمن جي ضرورت آهي. تقريب ۾ عبدالرزاق لاکاڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد شوڪت کي ايوان صدر جو آءِ ايس او 50001 جو سرٽيفڪيٽ پيش ??يو جڏهن ته گرين بلڊنگ ڪائونسل سرٽيفڪيٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر راشد رشيد کان وصول ڪيو، ان موقعي تي ايس اين جي پي ايل جي سينئر جنرل مينيجر ثابت ارباب، اينگرو جي سيد ظهير مهدي، نپان پينٽ جي صمد ظهير، اوساڪا لائٽنگ جي منصور، ماسٽر ٽائلز جي شيخ محمود اقبال، عبدالرزاق لاکاڻي، ارشد رشيد ۽ شاهد شوڪت کي به يادگاري شيلڊ پيش ??ئي وئي.