??يو??ارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان جي هدايت تي ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانا ۽ مشنز پرڏيهي پاڪستانين جي سهولت لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي دو??ان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين 29.4 ارب ڊالر جو تاريخي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو جنهن تي پوري قوم انهن جي ٿورائتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يو??ارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام قونصليٽ جنرل ??يو??ارڪ جي پا??ان ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد به شرڪت ڪئي. ان موقعي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجو واعدو هيو ته آئون جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندس ته انشآءُ الله پاڪستاني آمريڪين ڪميونٽي سان ضرور ملاقاتون ڪندس، وزيراعظم جي اها هدايت به آهي ۽ خواهش به آهي ??ه ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو خصوصي خيال رکيو وڃي، هن چيو ته هو نادرا جي چيئرمين جو ٿورائتو آهي ته هن ڪميونٽي جي سهولت لاءِ قدم کنيا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ماضي ۾ رڪارڊ کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون کي منهن ڏيڻو پوندو هو، پر انهن قدمن جي ڪري اسان جي برادري کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ٿيندو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عم??ان خان جي ويزن موجب اسان پنهنجي مشنز کي خصوصي هدايتون ڏ??يو?? آهن ??ه ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو خصوصي خيال رکيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿيو پر آئون ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو ته توهان 29.4 ارب ڊالر جي تاريخي رقم پاڪستان موڪلي، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ 3 ارب ڊالر آمريڪا کان موڪليا ويا، هن چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌي چڪو آهي ۽ گڏيل قومن جو اجلاس هائيبرڊ طريقي سان منعقد ٿي رهيو آهي، اسان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ”ايف ايم پورٽل“ جو آغاز ڪيو آهي جنهن کي شروعاتي طور تي ??يو??ارڪ سميت پنجن ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ اسان ان سهولت کي 21 ملڪن تائين سگهه ڏئي رهيا آهيون ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. مون پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي واضح هدايتون ڏ??يو?? آهن ته وسيلن جي گهٽتائي ته ٿي سگهي ٿي پر اخلاق جي گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي. منهنجي علم ۾ آهي ته پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي، مقامي سياست ۾ پنهنجو اثر ۽ رسوخ رکندي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي قومي مفاد ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان گذريل سال کان مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي سرانجام ڏيندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حوصلا افزائي لاءِ ”ايف ايم آنرز لسٽ“ جو آغاز ڪيو آهي. گذريل سال اسان ڪورونا وائرس جي وبا دو??ان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ”آنرز لسٽ“ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته هن سال اسان 40 سال کان گهٽ عمر ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪامياب نوجوانن جي حوصلا افزائي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عم??ان خان سدائين ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان ان حوالي سان قانونسازي به ڪئي آهي ۽ مشڪلاتن جي باوجود به اسان جون ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون. اسان پاڪستان ۾ پاليسي سازي ۾ توهان جي شموليت لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني جنهن کي مالي آسودگي حاصل آهي ۽ هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ارادو رکن ٿا ته انهن جي لاءِ اسان ??يو?? سهولتون متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته روشن ڊجيٽل پاڪستان منصوبي جي ذريعي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني 2 ارب ڊالر جي وڏي رقم پاڪستان موڪلي. وزيراعظم عم??ان خان معمولي ڏوهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون، ٽائون هال ميٽينگز جي ذريعي اسان جا آفيسر ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پرڏيهي وزير چيو ته توهان پاڪستان جو اهو اثاثو آهيو جيڪو خاموشي سان پاڪستان جي خدمت ڪندا پيا اچو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، پاڪستان ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ مختلف ملڪن جي سفارتي عمل ۽ شهرين کي ڀرپور مدد فراهم ڪئي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي ڪوششن جو اهڙي طرح اعتراف ناهي ڪيو ويو جيڪو هجڻ گهرجي ها، اڄ هيومن رائٽس جي تعظيم امتيازي طور تي ڇو ٿي رهي آهي، اسان هندستان جي خلاف ڊوزيئر ۾ سڀئي ثبوت دنيا جي سامهون رکيا، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي واپس گهرائڻ جو فيصلو سندن ڪرڪيٽ بورڊ ڪيو، آ??ون اڄ ميڊيا جي ذريعي سڀني کي چوندس ??ه ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪن، اسان ووٽنگ سسٽم کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پر 90 لک جي لڳ ڀڳ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي انهن جي حق کان محروم نه ڪريو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي کي نائيڪو، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ??يو??ارڪ قونصليٽ ۾ نئين نادرا سينٽر، لينڊ رڪارڊ سينٽر ۽ نئين ويب سائيٽ جو افتتاح ڪيو.