اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان تبديلي جي مخالف مافيا جي سامهون بيٺل آهيون، ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي مخالفت ??ري رهيا آهن، اي وي ايم پاڪستان جا مسئلا حل ??ري ڇڏيندي، ??ين??ڙ ٻه سال حڪومت جي لاءِ تمام اهم آهن، اسان کي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻا آهن، سڀئي وزارتون محنت ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪارڪردگي معاهدن تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو اسٽيبلشمينٽ بابت خصوصي مددگار ارباب شهزاد سميت وفاقي وزير، خاص مددگار ۽ صلاحڪار ، وفاقي کاتن جا سيڪريٽريز ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??ين??ڙ ٻن سالن جي لاءِ پنهنجا هدف مقرر ڪرڻ ضروري هئا، انهن جي مانيٽرنگ به ڪئي ويندي، ??ين??ڙ سال اسان جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، جيڪڏهن اسان ان دوران پنهنجا هدف حاصل ??ري ورتا ته حڪومت جي آخري سال ۾ رهجي ويندڙ هدفن کي حاصل ڪرڻ آسان هوندو، وزيراعظم چيو ته کيس ٽيم کي هلائڻ جو تجربو آهي ۽ هن اهو ڪرڪيٽ کان سکيو آهي، هر جاءِ ٽيم کي هلائڻ جا اصول هڪجهڙا هوندا آهن، آئون 10 سال ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رهيس ۽ رانديگرن کي ??ين??ي ويندي ڏٺو، سدائين اها ٽيم ڪامياب ٿيندي آهي جيڪا سڄو وقت پنهنجو جائزو وٺندي رهندي آهي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي نظرثاني ڪندي آهي، وزيراعظم چيو ته تعليم به اسان کي پنهنجي صلاحيتن جو جائزو وٺڻ سيکاريندي آهي، وزيراع??م وزارتن تي زور ڏنو ته انهن پنهنجي لاءِ جيڪي هدف مقرر ڪيا آهن انهن کي حاصل ڪن، وزيراعظم چيو ته مشڪل ?? هار مڃيندڙ ڪڏهن به اڳتي ناهن وڌندا، هن چيو ته جڏهن مون شوڪت خانم اسپتال شروع ڪرڻ لاءِ لاهور جي مشهور ڊاڪٽرن کي گهرايو ته 20 مان 19 ڊاڪٽرن چيو ته ڪينسر اسپتال نٿي ٺهي سگهي صرف هڪ چيو ته ٺهي سگهي ٿي پر غريبن جو مفت علاج نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته آمريڪي سي اي او چيو ته پنج سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپتال ٽن مهينن ۾ بند ٿي ويندي، ٽن مهينن کانپوءِ سي اي او واپس هليو ويو، پر اسپتال اڄ تائين هلي رهي آهي، هر سال 9 ارب روپيا ڪينسر جي مريضن جي مفت علاج تي خرچ ٿيندا آهن. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجو ڪو ويزن سيٽ ڪندا آهيون ته ان تي سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. مشڪل وقت ۾ انسان جي صلاحيتن جو امتحان هوندو آهي ۽ صبر ڪرڻ وارا ئي ڪاميابي سان همڪنار ٿيندا آهن ۽ انهن جي صلاحيتن کي سگهه ملندي آهي. هن چيو ته حڪومت جي پهرئين سال ۾ گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو اهو مشڪل ترين وقت هو، وزيراعظم چيو ته اسان سڀ مافيا جي سامهون بيٺل آهيون، جيڪي تبديلي نٿي چاهي،هو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ??ري رهيا آهن، ماضي ۾ هر اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳا ۽ تڪرار ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي جي الزام جو خاتمو ٿيندو، ڪرپٽ ماڻهو جيڪي ان سسٽم مان فائدو کڻي رهيا آهن اهي ملڪ ۾ تبديلي نٿا چاهين اهي حڪومت جا سڀ کان وڏا دشمن آهن. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان مسئلا حل ٿي ويندا، آخري ٻه سال اسان جي لاءِ وڏا اهم آهن، اسان اقتصادي مشڪلاتن کي ضابطو آندو ۽ ڪورونا وائرس وبا جي صورتحال ۾ مشڪل فيصلا ڪيا. پنهنجي ماڻهن جون زندگيون بچايون ۽ معيشت به، اسان وڏي مشڪل وقت مان ن??ري هتي پهتا آهيون، هن سال محنت ڪنداسين ته پنهنجا هدف حاصل ??ري وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته قومي اسيمبلي جا ميمبر ترقياتي فنڊ گهرندا آهن. اسان ترقياتي فنڊز کان نه حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ??ين??ڙ اليڪشن کٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اصل جنگ پنجاب ۾ آهي، ماڻهو اهو ڏسندا ته پنجن سالن کانپوءِ اسان ڪهڙي به??ري آندي ۽ ڪهڙا نتيجا ڪڍيا، ان لاءِ اسان پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي. وزيراعظم خصوصي مددگار ارباب شهزاد کي ڪارڪردگي جانچڻ جي نظام تي مبارڪباد ڏني.