اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، افغانستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي ??را??ريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آهن. هن چيو ته مون اسپين جي پرڏيهي وزير کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آهي، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا پر ??وال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين الافغان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف هجي ها، دنيا کي افغانستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته عالمي ??را??ريءَ کي افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان طرف هاڪ??ري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. افغانستان مان واپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي مح??وظ واپسي عالمي ??را??ريءَ جي خواه??ن موجب آهي. پاڪستان افغانستان جي مدد ج??ري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت ج??ري رهندي. هن چيو ته افغانستان جو معاشي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته مون ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان طرفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي سان اسپين طرفان پاڪستان جي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، اسان پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون. اسپين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان جي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آهي. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان پاڪستان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه مح??ود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آهن، اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران جنهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان طرفان عام معافي، افغانين جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان سامهون آيل شروعاتي بيان حوصلو ڏيندڙ آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد افغانستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان نازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان جا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان مح??وظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته مون کي خوشي آهي ته توهان جو هي دؤرو ان موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي آهن. اسپين يورپي يونين ۾ پاڪستان جو ٽيون وڏو واپ??ري شراڪتدار آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پاڪستاني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخدوم شاهه مح??ود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پاڪستاني ??را??ريءَ جي هاڪ??ري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.