پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گ??ن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس س??ڪي??رٽي جي موجوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ ا??غان بارڊر تي خا??دار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ ا??غان بين الاقوامي سرحد تي س??ڪي??رٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي س??ڪي??رٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خا??مي جي مهم ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظاميه جي مدد تي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.