اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪا??ون??ل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ??ڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪي?? ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪا??ون??ل پيٽروليم واري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪي??ال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن واري وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪا??ون??ل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ ??ائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪي?? ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪي?? وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪي?? ويندو. اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪا??ون??ل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.