اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس ??ردار طارق مسعود کي وقتي چيف ج??ٽس مقرر ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪي?? نوٽيفڪيشن موجب جسٽس ??ردار طارق مسعود پاڪستان جي چيف ج??ٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻاهرئين مل?? رهڻ دوران وقتي چيف جسٽس ??ور پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها مقرري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 180 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي وئي آهي.