اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته طبي تعليم کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، افرادي قوت عالمي مارڪيٽ ۾ صح?? جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي لا??ِ صح?? جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ طبي تعليم ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ سڌارن جي لا??ِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ صح?? جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لا??ِ ٺاهيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ صح?? جي شعبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افرادي قوت جي عالمي مارڪيٽ ۾ صح?? جي شعبي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي لا??ِ ملڪ ۾ صح?? جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته نرسنگ هڪ انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ان جي ترقي جي لا??ِ وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صح?? واري وزارت، ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جي حصيداري سان صح?? جي شعبي ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صح?? جي شعبي ۾ سڌارن جي لا??ِ ٽن مرحلن تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني صح?? جي شعبي ۾ عالمي معيار موجب قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ صح?? جي شعبي ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطحن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر عامر بلال جي قيادت ۾ صح?? جي شعبي ۾ سڌارن جي لا??ِ ٽاسڪ فورس جي قدمن کي ساراهيو.