اسلام آباد – 22 – ??وم??ر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي ب??وچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي تو??نا??ي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي ب??وچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کي ب??وچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي ب??ن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ب??وچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي تو??نا??ي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم تو??نا??ي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري ب??وچستان کي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.