اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ اسلامي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي مت??د ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ سان پاڪستان ۾ گڏ??ل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگران وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گڏ??ل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگران وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صو??تحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي مت??د ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.