اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي شاندار مهمان نوازي ۽ شاندار استقبال تي مالد??پ جي پرڏيهي وزير، حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا آهن. مالد??پ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير جي ٽوئيٽ تي خيرسگالي جي جذبي جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ مالد??پ جي وچ ۾ تعاون جو روشن مستقبل موجود آهي. هن چيو ته پنهنجي مالد??پ جي دوري دوران کي?? مالد??پ جي صدر محمد معيزو جو متاثر ڪندڙ خطاب ٻڌڻ جو شرف حاصل ٿيو.