ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻا?? اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، پر وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعلي?? کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه ??ن سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان بلوچستان جي شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون، ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا. اسان جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪريون?? هن وقت بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻا?? اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو آهي پر ان باوجود وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعلي?? کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته سمورن صوبن لاءِ هڪ اهڙي تعليمي پاليسي بڻايون جيڪا ايندڙ حڪومتن لاءِ مشعل راهه ??جي?? هن چيو ته 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن پر ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، جيستائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جا معياري موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن انهن لاءِ عملي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ مشڪل هوندو?? هن چيو ته صوبي ۾ تعلي?? کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي جي خضدار ۽ پشين ڪيمپس لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جا??ي ڪيا ويا آهن جنهن سان يونيورسٽي ۾ معياري تعليم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، تقريب جي آخر ۾ وفاقي وزير شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.