بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دو??تي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪز عنصر قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دو??تي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي ڊپارٽمينٽ جي وزير ليو جيان چائو ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻن تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پاڪ چين لاڳاپن ۽ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ ۾ ڪ??دا?? کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چين جي ترقي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي اهم ڪ??دا?? کي به ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دو??تي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪزي عنصر آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ليو جيان چائو عوام، قانونساز اسيمبلين، سياسي پارٽين، اسڪالرز، ميڊيا، نوجوانن، عورتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اهي رابطا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نسل در نسل دو??تي جي فروغ کي يقيني بڻائيندا. ليو جيان چائو چيو ته نگران وزيراعظم جو چين جو دو??و پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خصوصي دو??تي جي روايتن جو عڪاس آهي. هن چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي ۾ ڪ??دا?? جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و.