اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ مراڪش جي سفارتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب نگران وزيراعظم سان مراڪش جي لاءِ پاڪستان جي نامزد س??ير سميع ملڪ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سميع ملڪ کي مراڪش جي سفير جي عهدي جي لاءِ نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سميع ملڪ کي پاڪستان ۽ مراڪش جي سفارتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.