ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزاري تي حاضري ڀري. وزيراعظم باباءِ قوم جي مزار تي گلن جي چادر ??اڙ??ي ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ ??کيا. سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر پڻ ساڻس گڏ هئا. واضح رهي ته نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ا??وارالحق ڪا??ڙ جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي.