اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، معدنيات، کاڻ کو??ائ??، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان??ن منصوبن تي عملدرآمد ۽ ان??ن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل ان??يسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (اي?? آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جي تسلسل ۾ ايپڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ايپڪس ڪميٽي اي?? آئي ايف سي جي ڪارڪردگي ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي امڪاني سيڙپڪارن تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي وزيرن پاران اي?? آئي ايف سي تحت سيڙپڪارن جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجل??س جي پڄاڻي تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ وزيراعظم زراعت، معدنيات، کاڻين جي کو??ائ??، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته ان??ن منصوبن تي عملدرآمد ۽ ان??ن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن.