اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان جو ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ وارو وزير رشاد نبيوف 17 کا?? 19 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دورو وزيراعظم جي باڪو جي ت??زي دوري کا??پوءِ ٿي رهيو آهي. آذربائيجان جو وزير رشاد نبيوف انفارميشن ٽيڪنالاجي، هوابازي، مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن جي وزارتن جي پاڪستاني هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ڪنيڪٽيويٽي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي ت??اون جو جائزو و??ندو.