اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پار??ن جاري بيان موجب ملاق??ت ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاق??ت ۾ وزيراعظم بلوچستان نيشنل پارٽي جي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪي بهتري جي لاءِ حڪومت جي هر فيصلي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاق??ت ۾ وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، احسن اقبال ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ شريڪ هئا.