اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان اي??وڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جڏهن ??اد?? اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب اي??وڪيشن انڊوومنٽ فنڊ جو بنياد رکيو هو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪستان انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هلندڙ سال ان فنڊ مان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان فنڊ مان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ تي ڏنا ويندا. وزيراعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪستان جي آئين ۽ ڪ??پي??ٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شروعات ڪندو. ان سان نه رڳو پاڪستان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ ڪوڊنگ جهڙي جديد هنر حاصل ڪرڻ سان عالمي سطح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ان مو??عي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.