اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ??ائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده حڪومت جي ص??يح رخ ۾ ص??يح قدمن جو اعتراف آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، آءِ ايم ايف سا?? اسٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ريٽنگ جي اداري فچ (FITCH) پاڪستان جي ريٽنگ وڌائي CCC ڪري ??ڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ??ائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪائونسل جو اهو چوڻ ته پاڪستان انساني حقن جي بهتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده حڪومت جي ص??يح رخ ۾ ص??يح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي تباهي، بدنامي، رسوائي ۽ گندگي جي صفائي جاري آهي، سموريون ڪوڙيون، سازشي عالمي پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿي ويون آهن.