اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه سختي سان چئي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي ان معام??ي تي ٺوس ۽ جامع حڪمت عم??ي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي ڪ??ڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم پاڪستان پاران ان ڄاڻي واڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وز??را??ظم اسلامو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڪ??دار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪمت عم??ي تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مقصد پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معام??ي تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪ??ئونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪندي وز??را??ظم وڌيڪ زور ڏنو ته او آءِ سي کي اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جي ڪڌي واقعن تي پاڪستان جي مذمت ۽ ڳڻتي جي حمايت ڪئي. هن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ او آءِ سي جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل ان معام??ي تي خاص طور تي او آءِ سي جي ڳالهين ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪ??دار کي ساراهيو.