اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آ??ي، ميوزڪ پاليسي جي ذريعي ڪيترين ئي مراعتن ۽ سهولتن سان ميوزڪ انڊسٽري کي نئين زندگي ملندي، پائريسي ۽ ??اپ?? رائيٽس سميت ميوزڪ انڊسٽري کي درپيش مسئلا حل ٿيندا، موسيقي پاڪستان جو ڀرپور ۽ تاريخي ورثو آ??ي جيڪو صوفي شاعرن جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آ??ي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پبلڪ پرفارمنس، پروڊڪشن، ڊسٽري بيوشن، ايڊيپٽيشن، ڊيوريشن، مڪينيڪل ۽ ڪميونيڪشن رائيٽس کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي، انهن قدمن ۾ يوزرز اينڊ لائنسز جو مسئلو پڻ حل ٿي ويندو جنهن سان ميوزڪ انڊسٽري کي فروغ ملندو. هن چيو ته موناپلائيزيشن جي خاتمي سان گڏوگڏ ميوزڪ ورڪرز جي بنيادي قانوني حقن جو تحفظ ٿيندو، ??اپ?? رائيٽ سميت ميوزڪ اسٽيڪ هولڊرز کي درپيش مسئلا حل ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ جي تياري، ڳائيندڙن، لکندڙن ۽ ڌُن ٺاهيندڙن جي قانوني حقن جو تحفظ يقيني ٿيندو. جڏهن ته ميوزڪ جي وڪري، ان جي نقل ۽ موسيقي چورائڻ بابت پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته ميوزڪ پاليسي پاڙيسري ملڪن ۾ لاڳو قانونن ۽ عالمي معيار موجب تياري ڪئي وئي آهي، پراڻي ميوزڪ کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم پڻ پاليسي ۾ شامل آهن. هن چيو ته مقامي ۽ فوڪ موسيقي، علائقائي زبانن ۾ موسيقي جي لاءِ پڻ قدم پاليسي جو حصو آ??ن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلوڪارن، لوڪ فنڪارن ۽ مقامي ۽ علائقائي موسيقي کي فروغ ڏينداسين، ان پاليسي جي ذريعي پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته موسيقي پاڪستان جو ڀرپور ۽ تاريخي ورثو آ??ي جيڪو صوفين جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آ??ي. هن چيو ته موسيقي پاڪستاني معاشري جي روح چئي سگهجي ٿي، اها قومي، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ نسل درنسل منتقل ٿيندي پئي اچي. هن چيو ته 1970ع کانپوءِ کان هيستائين ميوزڪ جي شعبي ?? قانوني، انتظامي يا پاليسي ليول جي ڪا تبديلي ناهي ٿي. هن جو چوڻ ه?? ته ??اپ?? رائيٽ جي اهميت کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن معياري ميوزڪ ٺهي ۽ عوام تائين پهچي، حقوق ملڪيت ??ان??، ميوزڪ جي چوري سان پاڪستان ۽ ميوزڪ انڊسٽري ٻنهي کي نقصان ٿي رهيو آ??ي.