راولپنڊي-15 مئي (اي پي پي) خصوصي ڪ??ر ڪمانڊرز ڪانفرنس سياسي محرڪ رکندڙ وڳوڙين طرفان باهيون ڏيڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ورجايو آهي ۽ چيو آهي ته ناقابل ترديد شاهدين جي بنياد تي پاڪ فوج انهن حملن جي منصوباسازن، اڪسائيندڙن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن جوابدارن کان چڱي ريت آگاهه آهي، امن امان ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي لوهي هٿن سان چٿيون ويندو. موجوده حالتن جي روشني ۾ خصوصي ڪ??ر ڪمانڊرز ڪانفرنس چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. فورم جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته آرمي جي رينڪ ۽ فائل ۾ عسڪري ٺڪاڻن کي نقص??ن پهچائڻ، باهيون ڏيڻ تي شديد ڪاوڙ ڏٺي پئي وڃي، پاڪ فوج جي سڌ سماءُ واري شعبي طرفان جاري بيان موجب خصوصي ڪ??ر ڪمانڊرز ڪانفرس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ناقابل ترديد شاهدين جي بنيادن تي پاڪ فوج انهن حملن جي منصوباسازن، اڪسائيندڙن ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن جوابدارن کان چڱي ريت آگاهه آهي، ڪ??ر ڪمانڊرز فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل جي ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي.ڪانفرنس ۾ گذريل ڏينهن دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جيڪو لاڳاپيل سياسي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي. ڪ??ر ڪمانڊرز ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته ڪنهن به ڌر طرفان امن جي قيام لاءِ رڪاوٽون وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. بريفنگ دوران فورم کي آگاهه ڪيو ويو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، تاريخي ع??ارتن کي باهيون ڏيڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن جي ڀڃ ڊاهه تي ٻڌل هڪ جامع منصوبي تي ع??لدرآمد ڪيو ويو ته جيئن اداري جي بدنامي ٿي سگهي، جڏهن ته اهو سمورو عمل سياسي محرڪن جي حامل ايجنڊا جي حاصلات لاءِ هو. آرمي چيف ان سڄي معاملي تي فوجي فارميشنز طرفان تحمل ۽ پختي رد عمل کي ساراهيو. فورم واضح ڪيو ته ڪنهن به ايجنڊا تحت فوجي ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهي طور تي اسپانسر ٿيل ۽ اندورني سهولت يافته ڌرين جي منظم پروپيگنڊا تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته شرمناڪ پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي ع??ام وچ ۾ وڇوٽيون جڏهن ته هٿياربند فوج جي رينڪ رينڊ فائل جي اندر ڏار پيدا ڪرڻ آهي، فورم جو چوڻ هو ته دشمن قوتن جي ناپاڪ پروپيگنڊا کي ع??ام جي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪ فوج عوام جي ڀرپور حمايت س??ن پاڪستان جي دشمنن جي اهڙن سمورن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي. فورم موجوده غير مستحڪم سياسي صورتحال ۾ قومي سطح تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي اعتماد، معاشي ترقي ۽ جمهوري نظام کي هٿي ڏئي سگهجي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جنهن دهشتگردي کي پاڙ??ن پٽڻ لاءِ وطن جي دفاع ۽ هن قوم تي پنهنجيون جانيون نڇا??ر ڪيون. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ بلوچستان ۾ مسلم باغ تي حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ شهيد ٿيل جوانن جي عظيم قربانين کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.