اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخا رابطا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. ڪنگ چارلس ٽئين جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ برطانيا روانو ٿيڻ کان ا?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پا??ست??ن ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخا رابطا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته برطانوي شاهي خاندان سدائين پا??ست??ن جو عظيم دوست رهيو آهي. ڪنگ چارلس ٽيُون جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ دولت مشترڪه اڳواڻن جي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندس. ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو.